حيات ڪوريءَ وارو تڪيو

حيات ڪوريءَ وارو تڪيو: هي تڪيو شاهه لطيف سان وابسته آهي. محققن جي راءِ آهي ته شاهه لطيف زندگيءَ جا 12 سال مسلسل سفر ۾ رهيو ۽ هند، سنڌ ۽ آسپاس جا ڪيترا ماڳ مڪان ۽ هنڌ ڏسي، مختلف ڪرت ڪندڙن، ڌنڌن ۽ هنرن وارن جي حياتي ۽ عوامي زندگيءَ کي ويجهڙائيءَ کان پرکيائين. ان ڪري لطيف جتي به ويو، اتي سندس عقيدتمندن اُن هنڌ کي سندس نسبت سان يادگار بڻائي ڇڏيو. تاريخي ڳوٺ هالا حويليءَ کان سڏ پنڌ تي اتراوڀر واري ڪنڊ تي زرعي زمينن جي وچ ۾ لطيف سائينءَ جي هڪ وڏي عقيدتمند حيات ڪوريءَ جو تڪيو آهي، جنهن لاءِ مشهور آهي ته ان جاءِ تي ڀٽ ڌڻيءَ پسار ڪيو هو. ڪنڊيءَ جا ٻه پراڻا وڻ آهن، جن کي حيات ڪوريءَ جون جاڙيون ڪنڊيون سڏين ٿا. هن تڪيي جي اتر اولهه واري ڪنڊ ۾ ڪجهه وکن تي وڻن جي جھُنڊ ۾ قديم قبرستان جا آثار به موجود آهن.
هن جوءِ مان لطيف سائين جي وصال کان ڇهه سال پوءِ به درياهي وهڪرو گذرندو هو، جيڪو نصرپور کان ٿيندو اڳتي ويندو هو، جنهن کي ساڱرو ڍورو سڏجي ٿو. درياهي وهڪري جي ڪري هيءَ جوءِ سرسبز ۽ خوشحال هئي. حيات ڪوريءَ جي تڪيي تي لطيف سائينءَ ۽ شاهه عنايت نصرپوريءَ جي ڪيترين رهاڻين جون روايتون ملن ٿيون. هن تڪيي تي ٿيل هڪ رهاڻ ۾ لطيف سائينءَ سان گڏ مدن فقير به گڏ هو، تذڪرن ۾ اچي ٿو ته هنن ٽنهي بزرگن مان هڪ بزرگ پلي کائڻ جي خواهش ڏيکاري ۽ حيات ڪوريءَ کين مهمانيءَ ۾ پلو کارايو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو